اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته بدقسمتي سان اهڙن ماڻهن ذوالفقار علي ڀٽو جي نظرين تي عمل ڪرڻ وساري ڇڏيو آهي.بئريسٽر گوهر الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ اميدوار آصفه ڀٽو زرداري کي بنا مقابلي چونڊائڻ لاءِ تشدد ڪيو ويو.هن چيو ته جنهن وٽ مينڊيٽ ناهي ان خلاف احتجاج ڪيو ويندو آهي، اسان جو احتجاج پرامن هوندو ۽ جيستائين مينڊيٽ واپس نه ڪيو ويندو تيستائين جاري رهندو.