سکر (رپورٽ: آزاد مهر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه سنڌ جي عوام کي ٽن کان چئن مهينن ۾ امن امان بهتر ٿيڻ جي خوشخبري ڏيندي چيو آهي ته نگران حڪومت جي 6 مهينن واري عرصي دوران امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي هئي پر هاڻي امن امان قائم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي جنهن لاءِ 3 کان 4 مهينا لڳي سگهن ٿا، پوليس کي جيسيتائين ڌاڙيلن جهڙا هٿيار نه ملندا ان وقت تائين ڌاڙيلن سان مقابلو ممڪن ناهي، سنڌ حڪومت پوليس کي جديد هٿيار فراهم ڪري رهي آهي.
، سکر جي احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاھ چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ حڪومت جي مجبوري آهي پر وڃڻ کان اڳ گڏجي ويهي فيصلو ڪيو وڃي اسان ته عمران خان کي به چيو هو ته آءِ ايم ايف وٽ ضرور وڃو پر وڃڻ کان اڳ سڀني جماعتن سان ويهي گڏجي فيصلو ڪيو ته ڪهڙيون شرطون مڃڻيون آھن ۽ ڪهڙين کي قبول ناهي ڪرڻو، حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر چوان ٿو ته زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏيڻ سان معيشت جي بهتري لاءِ ٻي ڪا به ضرورت نه پوندي، سيد خورشيد شاھ چيو ته اڳوڻو ايس ايس پي عرفان سمون جان محمد مهر جي قاتلن تائين پهتو هو پر کيس اوچتو بدلي ڪيو ويو، منهنجي ڪوشش آھي ته جان محمد مهر جا قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪيا وڃن، اسرائيل جي ضد عالمي امن لاءِ خطرو آهي ۽ جيڪڏهن عالمي جنگ لڳي ته ان کان ڪير به محفوظ نه رهندو، پاڪستان هميشه خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون آهن ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.