ڪپتاني تان هٽايل شاهين آفريدي جي مداحن لاءِ هڪ ٻي بُري خبر اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهين شاهه آفريديءَ جي نيوزيلينڊ خلاف شروعاتي ٻن ميچن ۾ شرڪت شڪي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪپتاني تان هٽايل شاهين آفريدي شروعاتي 2 ٽي ٽوئنٽي ميچون نه کيڏندو.
ذريعن موجب ڪاڪول ۾ ٽريننگ ڪئمپ کانپوءِ شاهين آفريدي بالنگ رڌم حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي اِهو ئي سبب آهي جنهنڪري هو نيوزيلينڊ خلاف شروعاتي ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ شرڪت شڪي آهي.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته فاسٽ بالر شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ رسڪ نٿو کڻڻ چاهي انڪري نيوزيلينڊ خلاف امڪاني طور تي راولپنڊي ۾ هڪ ۽ لاهور ۾ آخري ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 18 اپريل کان 27 اپريل تائين کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.