سنڌ ۾ استادن لاءِ وڏي خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت استادن جي ڀرتي تان پابندي ختم ڪري ڇڏي، صوبي ۾ پرائمري ۽ جونيئر اسڪول ٽيچرز ڀرتي ڪيا ويندا.
صوبائي تعليم کاتي استادن جي ڀرتي تان پابندي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو ۽ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.
سڄي سنڌ ۾ پرائمري ۽ جونيئر اسڪول ٽيچر ڀرتي ڪيا ويندا.
واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ سرڪاري ملازمتن تي پابندي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي، جنهن ۾ صوبائي حڪومت کي سنڌ ۾ سرڪاري ڀرتين جي مشروط اجازت ڏني وئي هئي.
عدالت هدايت ڪئي ته هڪ کان 15 گريڊ تائين سرڪاري ڀرتين لاءِ قانوني طريقي ڪار اختيار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.