رومانوي ڪردار ڪندي ساٿي اداڪار سان محبت ٿي وئي: نوال سعيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا نوال سعيد نالو کڻڻ کانسواءِ ٻڌايو ته کيس ڊرامي ۾ ساٿي اداڪار سان رومانوي ڪردار ادا ڪندي محبت ٿي وئي هئي پر بعد ۾ رستا الڳ ڪري ڇڏيا.

تازو هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي نوال سعيد چيو ته هن ڪيترائي رومانوي ڊراما ڪيا آهن، ڪڏهن ڪڏهن حقيقت ۾ به ڪردار کان نڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، هن چيو ته رومانوي ڪردار ادا ڪندي ساٿي اداڪار ۽ کيس محبت ٿي وئي هئي، ڪنهن مخصوص ڊرامي يا اداڪار جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته هڪ ڀيرو ايئن ٿيو هو جو کيس محبت ٿي وئي جيڪا ڪجهه وقت لاءِ هئي.

هن چيو ته ساٿي اداڪار سان 12 ڪلاڪ گذاريون، فيملي کان وڌيڪ وقت گذاريون ۽ وري رومانوي ڊائلاگ هجن ته محبت ٿيڻ عام آهي. هن چيو ته جڏهن سمجهه اچي وڃي ته ٻه ماڻهو مختلف آهن سوچ الڳ آهي ته حقيقت قبول ڪرڻ گهرجي.

واضح رهي ته گذريل سال سوشل ميڊيا تي افواهون هلي رهيون هيون ته اداڪار نور حسن ۽ نوال سعيد هڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳا آهن ۽ جلد شادي ڪرڻ وارا آهن.ڪجهه ڇوڪريون اهڙيون هونديون آهن جيڪي خوبصورت هجڻ سان گڏ ذهين به هجن. نوال سان دل جون ڳالهيون سولائي سان ڪري ويندو آهيان. ڪڏهن ته سڄو سڄو ڏينهن هن سان ڳالهائيندو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.