مومنا اقبال جو به ڪرڪيٽرن جا ميسيج اچڻ جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا نوال سعيد کان پوءِ مومنه اقبال به پاڪستان جي اها اداڪارا ٿي وئي جنهن کي پاڪستاني ڪرڪيٽر ميسينجر تي پيغام موڪليندا آهن.

خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ اداڪارا مومنا اقبال ميزبان جي سوال تي ٻڌايو ته کيس پاڪستاني ڪرڪيٽرن جا ميسيجز ايندا رهندا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا ۾ هجڻ جي ڪري مختلف شخصيتن جا ميسيج ايندا آهن، سٺي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، سلام دعا ٿيندي آهي پوءِ ڪٿي ملندا آهن ته اتي به ڪچهري ٿيندي آهي.

ميزبان جي سوال تي اداڪارا چيو ته ڪرڪيٽر hii, how are you جهڙا ميسيج ڪندا آهن. جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا ميزبان جي پڇڻ کانپوءِ به اداڪارا ڪنهن ڪرڪيٽر جو نالو نه کنيو ۽ ان تي جواب ڏنو ته ڪرڪيٽرن جا نالا ته ناهن ياد ۽ جي هجن به ته ڇو ٻڌائجن، هن انٽرويو کان پوءِ هو مشهور ٿي ويندا.

اداڪارا هڪ ڪرڪيٽر بابت ٻڌايو ته ڪرڪٽ ٽيم ۾ هيو، هن کان عمر ۾ وڏو هو ۽ هو بيٽسمين آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.