سڊني حملي ۾ مارجي ويلن ۾ هڪ پاڪستاني شهري به شامل

سڊني( ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي شهر سڊني جي شاپنگ سينٽر ۾ چاقو بردار جوابدار جي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ هڪ پاڪستاني شهري به شامل آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سڊني پوليس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شاپنگ سينٽر واقعي مارجي ويل ڇهه ڄڻن ۾ هڪ پاڪستاني گارڊ فراز طاهر به شامل آهي ، جڏهن ته حملي ۾ پنج عورتون به مارجي ويون آهن.
سڊني پوليس موجب، ڪجهه ڏينهن پهريان جوابدار شاپنگ سينٽر تي موجود عورتن مٿان چاقن سان حملو ڪيو هو، جنهن ۾ پنج عورتن سميت هڪ پاڪستاني گارڊ به مارجي ويو هو، جڏهن ته 12 عورتون پڻ زخمي ٿيون هيون.
ياد رهي ته عورت پوليس اهلڪار جي فائرنگ ۾ حملي آور به مارجي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.