فائرنگ جو واقعو: سلمان گهر نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي گهر ٻاهر ممبئي جي گينسٽر فائر ڪيا ۽ سلمان خان کي ڌمڪي ڏني.

گذريل ڏينهن سلمان خان جي گهر ٻاهر موٽرسائيڪل سوار هيلمٽ پهريل ٻن ماڻهن فائرنگ ڪئي، ان واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن موجب فائرنگ ڪندڙ 2 ماڻهو مان هڪ جو تعلق گروگرام سان آهي جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.

ڀارتي ميڊيا موجب گينگسٽر لارنس بشنوئي جي ڀاءُ فائرنگ جي ذميوراري سوشل ميڊيا تي قبول ڪئي آهي، جنهن بعد ڀارتي رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انمول بشنوئي جي نالي سان هندي ٻولي ۾ فيس بوڪ ذريعي سلمان خان کي هڪ ٻي ڌمڪي ڏني آهي.

فيس بوڪ جي پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته هو امن چاهين ٿا پر جيئن فيصلو جنگ آهي ته منظور آهي، سلمان خان کي مخاطب ڪندي لکيو آهي ته اهو رڳو ٽريلر هو جيئن صلاحيتن کي سمجهي وڃي ۽ کين نه آزمائي، اها پهرين ۽ آخري وارننگ آهي ان کان پوءِ گوليون رڳو گهر تي نه هلايون وينديون.

ٻئي پاسي سلمان خان جي پيءُ سليم خان ان واقعي تي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فائرنگ جي دوران سندس خاندان کي ڪو به نقصان ناهي پهتو، اڻ ڄاڻايل ماڻهن پاران هلايل گوليون عوام جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش هئي، جوابدار رڳو شهرت چاهين ٿا ان لاءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.

سلمان خان ٻڌايو ته هو پنهنجي معمول موجب ڪم جاري رکندو، دوستن کي گهر اچڻ کان منع ڪندي چيو ته کيس نقصان نه پهچي ان لاءِ سندس گهر نه اچن. ان واقعي پٺيان ماڻهن بابت ڪا به ڳالهه نه ڪندو ڇاڪاڻ ته هو اهو ئي چاهين ٿا. واضح رهي ته گينسٽر دعويٰ ڪئي هئي ته هو ڪاري هرڻ جي قتل جو پلاند وٺڻ چاهين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.