سلامتي ڪائونسل اجلاس:اسرائيل جو ايران کي سزا ڏيڻ جو مطالبو، گڏيل قومن پاران ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس رسمي ڪارروائي بعد ملتوي ڪيو ويو، سلامتي ڪائونسل ۾ ايران، اسرائيل ڇڪتاڻ بابت وڌيڪ بحث بعد ۾ ڪيو ويندو.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته ڪنهن به رياست جي علائقائي سلامتيءَ خلاف طاقت جو استعمال منع آهي.
سندس چوڻ هو ته وچ اوڀر تباهي جي ڪنڌيءَ تي آهي، خطو تباهه ڪندڙ جنگ جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته ڇڪتاڻ کي گهٽ ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو وڃي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو غزا ۾ جنگبندي، يرغمالين جي غير مشروط آزادي ۽ امداد جي فراهمي سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
اجلاس دوران گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي نائب نمائندي رابرٽ ووڊ چيو ته سلامتي ڪائونسل ايران جي جارحاڻي قدمن جي مذمت ڪري، سلامتي ڪائونسل ايران ۽ سندس ڀائيوارن کان حملا بند ڪرائي.
هن چيو ته آمريڪا اڳتي گڏيل قومن ۾ ايران کي جوابده بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻندو، ايران يا سندس مددگار آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪن ٿا ته ايران کي ذميوار قرار ڏنو وڃي.
گڏيل قومن ۾ برطانوي نمائندي باربرا ووڊ ورڊ چيو ته برطانيا، ايران جي حملي بعد اسرائيل جي سلامتي، اردن ۽ عراق سميت علائقائي ڀائيوارن لاءِ بيٺل رهندو.
هن چيو ته برطانيا وڌيڪ ڇڪتاڻ روڪڻ ۽ صورتحال مستحڪم ڪرڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.
اجلاس ۾ فرانس جي نمائندي چيو ته ايران ۽ سندس اتحادي خطي ۾ عدم استحڪام پيدا نه ڪرڻ کان پاسو ڪن.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايرواني چيو ته اسرائيلي جارحيت جي جواب ۾ اسرائيلي فوجي ٿاڪن کي ڊرونز ۽ ميزائلن سان نشانو بڻايو، آپريشن مڪمل طور پنهنجي دفاع جي حق ۾ ڪيو.
هن آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس جي رويي کي منافقاڻو قرار ڏيندي چيو ته هي ملڪ ڪيئي مهينن کان نه رڳو اسرائيل کي غزا جي قتلِ عام جي ذميواريءَ کان بچائي رهيا آهن پر فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ کي پڻ جائز قرار ڏئي رهيا آهن.
هن خبردار ڪيو ته آمريڪا، ايران خلاف فوجي ڪارروائي شروع ڪئي ته ايران مناسب ردعمل جو حق استعمال ڪندو.
واضح رهي ته سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس اسرائيل جي درخواست تي سڏايو ويو هو، اسرائيل سلامتي ڪائونسل ۾ مطالبو ڪيو هو ته هو اسرائيل تي ايراني حملي جي مذمت ڪري.
ان کانسواءِ اسرائيل طرفان سلامتي ڪائونسل کان ايران جي پاسدارنِ انقلاب کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو هو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.