پاڪستان ۾ سون اڄ به سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 8 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 47 هزار 3 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 686 رپيا واڌ بعد 2 لک 12 هزار 20 رپيا آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جو اگهه 8 ڊالر واڌ کانپوءِ 2371 ڊالرز ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.