ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهه ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي منڊي ۾ تيل اگهه وڌي ويا آهن جنهن سبب ملڪ ۾ 16 اپريل کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ساڍا 8 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي امپورٽ پريميئم ۾ گهٽتائي ۽ ناڻي شرح ۾ معمولي بهتري ٿي آهي.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ترتيبوار 4 ڊالر ۽ ساڍا 4 ڊالر في بيرل واڌ ٿي آهي.
انهن انگن اکرن موجب ملڪ ۾ پيٽرول جي اگهه ۾ اڍائي رپين کان 2 رپيا 80 پيسا في ليٽر واڌ ٿي سگهي ٿي.
ڊيزل جي اگهن ۾ 8 رپين کان ساڍا 8 رپيا واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو حتمي فيصلو وزيراعظم جي مشاورت سان ناڻي واري وزارت ڪندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.