پي سي بي غير فعال ڪرڪيٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي کي ختم ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ غير فعال ڪرڪيٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بيءَ جي ويب سائيٽ تي هاڻ رڳو ٻه ڪميٽيون موجود آهن، جنهن ۾ سينيئر، جونيئر قومي سليڪشن ڪميٽي، وومين نيشنل سليڪشن ڪميٽي شامل آهي.
ڪرڪيٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي اڳوڻي پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف ٺاهي هئي، ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو سربراهه مصباح الحق، جنيد ضياءَ ميمبر ۽ عثمان تسليم سيڪريٽري هو.
محمد حفيظ ڪميٽي جي سفارشن کي اهميت نه ڏيڻ سبب ڪميٽي کان ڌار ٿي ويو هو.
ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو ايشيا ڪپ کانپوءِ ورلڊ ڪپ کان اڳ آخري اجلاس سپٽيمبر ۾ ٿيو هو.
واضح رهي ته مصباح الحق به ٽي وي شو ۾ شامل ٿيڻ تي ڪميٽيءَ کان ڌار ٿي ويو هو، جڏهن ته ذڪاءَ اشرف ڪپتان ۽ ڪوچز جي تبديليءَ جو فيصلو پڻ ڪميٽي سان مشاورت کانسواءِ ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.