پنجاب: عيد جي موقعي تي مختلف روڊن حادثن 25 ڄڻا اجل جو شڪار

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) عيدالفطر جي ٻن ڏينهن دوران پنجاب ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ 25 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب، فيصل آباد ۾ ڪار ۽ ويگن ، ملتان ۾ هاءِ ايس ۽ ويگن جڏهن ته چنيوٽ ۾ ڪار ۽ موٽرسائيڪل کانسواءِ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ هزارين موٽرسائيڪل سوارن سان حادثا پيش آيا.
ڊي جي ريسڪيو ڊاڪٽر رضوان نصير حادثن ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ اڍائي هزار ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته شهرين کي سفر دوران ٽريفڪ جي ضابطن تي عمل ڪندي حفاظتي اپاءَ وٺڻ گهرجن.
ريسڪيو جي ترجمان موجب، عيدالفطر جي ٻن ڏينهن اندر صوبي ۾ 4500 حادثا پيش آيا جن ۾ 4100 مرد ۽ 1203 عورتون حادثن جو شڪار ٿيون.
صوبي جي گادي واري هنڌ لاهور ۾ سڀ کان وڌيڪ 770 حادثا رپورٽ ٿيا، حادثن جي نتيجي ۾2525 زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، جڏهن ته معمولي زخمي ٿيل 2733 ماڻهن کي فوري طور طبي امداد ڏئي روانو ڪيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.