پنوعاقل ۾ پيار پرڻو ڪرڻ تان مامي هٿان ڀاڻيجي قتل

پنوعاقل ( ويب ڊيسڪ ) پنوعاقل ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ناري پنهنجي مامي هٿان قتل ٿي وئي.
پوليس موجب، بائيجي ٿاڻي جي حد نوراجا ۾ جوابدار پنهنجي پٽن سان گڏجي پنهنجي ڀاڻيجي تي حملو ڪري ڏنو .
جوابدار جي حملي ۾ ناري ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ناري کي بچائيندي سندي ڀاءٌ زخمي ٿي پيو.
پوليس واقعي بابت ٻڌايو ته ناري ڪجهه ڏينهن اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي.
پوليس لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زخمي کي طبي امداد ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.