سلمان خان جي گهر ٻاهران بيٺل ماڻهن تي پوليس ڪڙڪي پئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان جي گهر ٻاهر گڏ ٿيندڙ ماڻهن ٽريفڪ جام ڪري ڇڏي جنهن تي پوليس لٺ بازي ڪئي.

سلمان خان جي مداحن ۾ گهٽتائي ناهي آئي ۽ هر سال جيان هن سال به عيد جي موقعي تي مداح سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ممبئي ۾ سندس گهر گيليڪسي جي ٻاهر جمع ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اداڪار جي گهر ٻاهر جمع ٿيندڙ سمورا مداح صبح کان سلمان خان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ انتظار ڪري رهيا هئا، پر اهو انتظار ڊگھو ٿي ويو.  جڏهن گهڻي وقت تائين سلمان خان جي گهر ٻاهر مداح جمع رهيا ته ٽريفڪ جي صورتحال خراب ٿي وئي، پوليس کي ماڻهن جي پيهه تي لاٺي چارج ڪري ٽريفڪ لاءِ رستي کي بحال ڪرڻو پيو.

پوليس جي لاٺي چارج تي ماڻهن جي پيهه ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو ڪري پيا پر ڪنهن جي زخمي ٿيڻ يا جاني نقصان ٿيڻ بابت ڄاڻ نه ملي.

سلمان خان سڄو ڏينهن مداحن کي انتظار ڪرائڻ بعد شام جو پنهنجي ويءُ سليم خان سان گڏ اڇي جوڙي ۾ گهر جي بالڪوني تي آيو ۽ ٻاهر ماڻهن جي پيهه کي هٿ جي اشاري سان عيد مبارڪ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.