اولمپيئن جيولين ٿرور ارشد نديم ٽريننگ لاءِ ڏکڻ آفريڪا روانو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اولمپيئن جيولين ٿرور ارشد نديم ٽريننگ لاءِ ڏکڻ آفريڪا روانو ٿي ويو .
ان موقعي تي ارشد نديم رمضان ۽ عيد جون خوشين جي مبارڪون ڏيندي ٻڌايو ته هو ڏکڻ آفريڪا ۾ پنجن هفتن تائين ٽريننگ ڪندو.
ارشد نديم چيو ته سندس گوڏي جي انجري جي سرجري کانپوءِ هاڻي ري هيپ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ هو بهتر محسوس ڪري رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اولمپڪس ويجهو آهن ان لاءِ محنت ڪري رهيو آهيان، سپورٽ ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورائتو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.