ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حب حادثي جي زخمين کي سموريون سهولتون فراهم ڪنداسين، بلوچستان حڪومت ان حادثي جي جاچ ضرور ڪندي.
مراد علي شاهه سول اسپتال جي ٽراما سينٽر پهچي حب حادثي جي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ متاثرن جي وارثن سان به مليو.
ڊاڪٽرن وڏي وزير کي زخمين جي علاج تي بريفنگ ڏني، مراد علي شاهه واضح ڪيو ته زخمين جي علاج ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي وڃي.
هن چيو ته حادثو ڪيئن ٿيو، اڃا تائين تفصيل سامهون ناهن آيا پر بلوچستان حڪومت حادثي جي جاچ ضرور ڪندي.
You might also like