صدر ۽ وزيراعظم جو حب حادثي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف حب حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
صدر آصف علي زرداري حب حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
هن چيو ته ڏک جي گهڙي ۾ زائرين جي وارثن سان اسان جون همدريون آهن.
وزيراعظم شهباز شريف به حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان تعزيت ڪئي.
هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي کين هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.