هيرامنڊي جو ٽريلر ايندي ئي ڇائنجي ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) مشهور هدايتڪار سنجي ليليٰ ڀنسالي جي ايڪشن ۽ ڊراما ويب سيريز ”هيرا منڊي“ جي ٽريلر اچڻ شرط ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.

نيٽ فلڪس لاءِ ڀنسالي جي ٺاهيل پهرين سيريز پهريم مئي تي ريليز ڪئي ويندي ۽ مداح ان جو بي چيني سان انتظار ڪري رهيا آهن. ٽريلر ۾ ورهاڱي کان پهريون جا منظر ڏيکاريا ويا آهن جنهن ۾  طوائفن جو ڪوٺو به آزادي جي جنگ ۾ شامل ٿي ويندو آهي.

سنجي ليلا ڀنسالي موجب ”هيرا منڊي“ محبت، طاقت، آزادي ۽ اهڙين عورتن جي ڪهاڻي آهي جيڪي پنهنجي خواهشن ۽ جدوجهد لاءِ منفرد ڪردار ۾ نظر اينديون آهن. ويب سيريز جي ٽريلر ۾ آزادي کان پهريون درٻارين جي زندگي محبت ۽ ڌوڪي جي ڪهاڻي کي شاندار انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

هيرامنڊي جي ڪهاڻي کي 1940 جي دور ۾ سيٽ ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ درٻارين ۽ طوائفن وچم رشتن تي ڪهاڻيءَ جو بنياد آهي.

ويب سيريز جي ميگا ڪاسٽ ۾ سوناڪشي سنها، منيشا ڪوئرالا، اديتيا رائو حيدري، رچا چڍا ۽ سنجيدا شيخ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.