”دعا ڪيو فٽ ٿي وڃان“ احسان الله انجريءَ مان ڇوٽڪاري لاءِ برطانيا ويندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جو فاسٽ بالر احسان الله انجري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ انگلينڊ روانو ٿيندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ احسان الله کي انجري مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ برطانيا ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، ان حوالي سان پي ايس ايل فرنچائز ملتان سلطانز به فاسٽ بالر سان سهڪار ڪري رهي آهي.
احسان الله ٺوٺ ۾ تڪليف سبب سرجري ڪرائڻ باوجود مڪمل ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهيو ۽ هو ري هيب باوجود تڪليف جو شڪار آهي، جنهن سبب پي ايس ايل جو هلندڙ سيزن به نه کيڏي سگهيو.
فاسٽ بالر پنهنجي پيغام ۾ مداحن کي مبارڪباد ڏني ۽ آگاهه ڪيو ته هو سرجري لاءِ انگلينڊ وڃي رهيو آهي، دعا ڪيو ته جلد فٽ ٿي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.