ڪرسٽيانو رونالڊو طرفان به مسلمانن کي عيد واڌايون، امن لاءِ دعائون

سعودي پرو ليگ ۾ النصر ڪلب جي قيادت ڪندڙ پرتگالي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالدو به مسلم امت کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪندي مذهبي تهوار جو حصو بڻجي ويو.
ايڪس تي جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو اڇي شرٽ سان تصوير پوسٽ ڪئي، ڪيپشن ۾ هن عيدالفطر جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ امن امان جي خواهش ظاهر ڪندي مبارڪباد پيش ڪئي.
ڪرسٽيانو رونالڊو لکيو ته عيد مبارڪ! اڄوڪي خاص ڏينهن جي موقعي تي توهان سڀني کي خوشيون، امن ۽ سلامتي نصيب ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.