لاهور(ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني ڳائڻي علي ظفر ليجنڊري عطاالله عيسيٰ خيلوي سان گڏ پهريون سرائيڪي گانو ريليز ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي آفيشل انسٽاگرام تي علي ظفر سرائيڪي گيت ”بالو بتيان“ جي مختصر وڊيو ڪلپ پوسٽ ڪئي هئي ۽ مداحن کي خبر ڏني هئي ته عيد جي موقعي تي اهو گانو ريليز ڪيو ويندو.
علي ظفر پنهنجي پوسٽ ۾ ڀيٽا پيش ڪندي عطالله عسيٰ خيلوي کي سرائيڪي ٻوليءَ جو ليجنڊ قرار ڏنو هو ۽ چيو ته خوبصورت سرائيڪي ثقافت ۽ شاعري کي دنيا سامهون پيش ڪرڻ جو اعزاز رڳو عطالله عيسيٰ خيلوي وٽ آهي، هن کان سواءِ ڪو به ٻيو موسيقار ايئن نه ڪري سگهندو.
هن عطالله عيسيٰ خيلوي کي راڪ اسٽار قرار ڏيندي ٻڌايو ته عطالله صاحب ست ٻولين ۾ 50 هزار کان وڌيڪ گانا رڪارڊ ڪيا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ آڊيو البمز ريليز ڪرڻ جو گنيز ورلڊ رڪارد پنهنجي ناءُ ڪيو آهي. اهو رڪارڊ 1994 ۾ قائم ڪيوهو.