فيس بوڪ ميسينجر 4 نوان فيچر متعارف ڪري ڇڏيا

فيس بوڪ ميسينجر تي واهپيدارن جي سهولت لاءِ ڪجه نوان فيچر متعارف ڪرايا ويا آهن. ميٽا ڪمپني پاران اهو اعلان ڪيو ويو آهي.

ميسينجر تي هاڻي ايچ ڊي فوٽوز موڪلي سگهجن ٿا، اڳ واٽس ايپ ۾ اهو فيچر متعارف ڪيو ويو جنهن کان متاثر ٿي بعد ۾ هاڻي فيس بوڪ ميسينجر تي به اهڙو فيچر متعارف ڪيو ويو آهي.

ان فيچر جي استعمال لاءِ ڪنهن تصوير کي چونڊي ان کي موڪلڻ کان پهريون ايچ ڊي آپشن ان ايبل ڪيو، ان تصوير جي مٿين حصي جي ڪنڊ تي به ٽيگ نظر ايندو.

ٻيو فيچر شيئرڊ البمز جو آهي جنهن ۾ تصويرون ۽ وڊيوز پنهنجي ويجهن کي موڪلي سگهڻ سولو ٿي ويو آهي. ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪنهن به گروپ چيٽ ۾ مختلف تصويرن کي سليڪٽ ڪري Create Album جي آپشن تي ڪلڪ ڪبو. پهريون کان ٺهيل البم ۾ هاڻي تصويرون ۽ وڊيوز کي ايڊ ڪرڻ لاءِ انهن کي سليڪٽ ڪري ايڊ تو البم جي آپشن تي ڪلڪ ڪبو. گروپ چيٽ ۾ شامل هر فرد انهن تصويرن کي ڏسي سگهندو جڏهن ته وڌيڪ تصويرون ۽ وڊيوز به ايڊ ڪري سگهندو. اهڙيءَ طرح هر فرد شيرڊ البم ۾ موجود تصويرن ۽ وڊيوز کي ڊليٽ ڪري سگهندو.

ٽيون فيچر ڪيو آر ڪوڊ بابت آهي جنهن جي ذريعي ميسينجر تي ماڻهن کي ايڊ ڪري سگهبو. ڪمپني موجب هر واهپيدار وٽ منفرد ڪوڊ هوندو جنهن کي اسڪين ڪرڻ سان ماڻهو ايڊ ڪرڻ ممڪن ٿيندو.

چوٿون فيچر واهپيدارن کي گهڻو وڻندو ان ۾ واهپيدار 100 ايم بي تائين جي فائلز کي سينڊ ڪري سگهندا. ڪمپني موجب سمورن فارميٽس ورڊ، پي ڊي ايف ۽ ايڪسل جي فائلز کي موڪلڻ به سولو ٿيندو. ڪمپني موجب اهي فيچر ايندڙ هفتن ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.