اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير اويس لغاري دعويٰ ڪئي آهي ته هلندڙ مهيني بجلي جا بل گهٽ ايندا.
هڪ بيان ۾ اويس لغاري چيو ته اپريل جي بجلي بلن ۾ 3 رپيا 82 پئسا في يونٽ گهٽتائي ٿي، اها مجموعي گهٽتائي ڊالر جي لحاظ سان ٽن مهينن جي ۽ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ سبب ٿي آهي.
هن چيو ته هلندڙ مهيني جي بلن تي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ 7 رپيا 6 پئسا في يونٽ مان گهٽجي 4 رپيا 92 پئسا مقرر ٿي، جنهن ته ٻارڻ جي قيمت ۾ 2 رپيا 14 پئسا گهٽتائي ٿي، اڳ ۾ ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ 4 رپيا 43 پئسا هئي، هاڻ گهٽجي 2 رپيا 75 پئسا ٿي وئي آهي، جنهن سان بجلي بلن ۾ هڪ رپيو 68 پئسا جي گهٽتائي ٿي.
سندس چوڻ هو ته فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي نوٽيفڪيشن موجب گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مهيني بجلي بلن ۾ گهٽتائي ٿيندي.
You might also like