صبا مهندي تي ”محبوب“ جي نالي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور سهڻي اداڪارا صبا قمر عيد تي مهندي ۾ پنهنجي گهوٽ بابت اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

پنهنجي سماجي رابطن جي ويبسائيٽ انسٽاگرام تي صبا قمر ننڍي وڊيو پوسٽ ڪئي آهي جنهن ۾ هن آڱرن تي مهندي جي ڊيزائن سان ”شانو“ لکرايو آهي، جنهن کانپوءِ مداحن جي وڏي انگ اداڪارا جي ڪمينٽ باڪس تي تبصرا شروع ڪري ڏنا.

اداڪارا جي مهندي سان لکيل نالي تي ڳالهيون هلڻ شروع ٿيون ته آخر شانو ڪير آهي؟ ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ عام طور تي ڇوڪريون پنهنجي مڙس، مڱيندي يا محبوب جو نالو لکنديون آهن. گذريل سال صبا قمر ڪيڪ جي اسٽوري پوسٽ ڪئي هئي جنهن تي ”شانو ڪي پري“ لکيل هو، ان کان سواءِ هلندڙ سال پنهنجي سالگره جي ڏينهن هڪ اسٽوري ۾ هن تصوير ڪڍڻ واري ماڻهو طرف ڏسندي هٿ ۾ گل پڪتا هئا جنهن تي هن ”آءِ لو يو“ لکيو هو پر ڪنهن کي به ٽيگ نه ڪيائين.

 

11

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.