مقامي سطح تي موبائل فون تيار ٿيڻ باوجود درآمد ۾ 100 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مقامي سطح تي موبائل فون تيار ٿيڻ باوجود هلندڙ مالي سال 24-2023 دوران موبائل فون جي درآمد ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي وئي.
انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ آءِ پيڊ ۽ سمارٽ فون استعمال ڪندڙ واهپيدار ٻاهرئين ملڪ مان درآمد ڪيل موبائل فونز خريدڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.
ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 8 مهينن دوران پاڪستان مجموعي طور تي هڪ ارب 14 ڪروڙ 84 لک ڊالرن جون موبائل فونز ۽ اسيسريز درآمد ڪيون آهن، جڏهن ته گذريل مالي سال ان ئي عرصي ۾ 44 ڪروڙ 78 لک ڊالرن جون موبائل فونز برآمد ڪيون ويون.
اهڙي ريت هلندڙ سال موبائل فون جي درآمد ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته پاڪستاني ڪرنسي ۾ درآمد ٿيل موبائل فونز جي رقم تقريبن 236 ارب رپيا ٿئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.