ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پنجين ڏينهن به آپريشن جاري

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ پوليس جو دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ 5 ڏينهن به ڏوهارين خلاف آپريشن  هلندڙ آهي.پوليس موجب هي آپريشن ڏوهاري ارصلاح سبزوئي گينگ خلاف هلندڙ آهي.پوليس موجب دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران ارصلاح سبزوئي گينگ جي 5 ڏوهاري ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو آهي ايس ايس پي بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته هن آپريشن ۾ پوليس ڏوهارين سان 5 ڏينهن کان مهاڏو اٽڪايون بيٺل آهي پوليس کي مين گينگ سربراهه ارصلاح سبزوئي کي زخمي ڪرڻ جي ڪاميابي ملي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.