امير مقام جي پٽ کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ تي نواز ليگ ۾ اختلاف

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواه جي صدر ۽ وفاقي وزير امير مقام جي پٽ نياز محمد کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ تي پارٽي ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا. ن ليگ  خيبرپختونخواه جي ترجمان اختر ولي امير مقام جي پٽ کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته امير مقام جي پٽ نياز محمد کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ پارٽي جو غلط فيصلو آهي، ن ليگ خيبرپختونخواه جي باقي پارٽين اڳواڻن کي نظرانداز ڪرڻ ناانصافي آهي، اهڙن فيصلن تي تنقيد ۽ ردعمل جائز ۽ فطري آهي. ان عمل سان پارٽي جا ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن محرومي جو شڪار ٿي رهيا آهن. هن چيو ته مرڪزي قيادت کي معاملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته هو هر پارٽي ڪارڪنن کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته سياست ڪرڻ کان پهرين سفارش جو بندوبست ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.