علي زيدي پي ٽي آءِ جي فارمولي تي پورو نٿو لهي: وليد اقبال

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وليد اقبال علي زيدي بابت ڳالهائيندي چيو ته هو پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي فارمولي تي پورو نٿو لهي. وليد اقبال چيو ته باني پي ٽي آءِ چيو آهي ته جن کي پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو انهن جي واپسي تي غور ڪيو وڃي.

وليد اقبال چيو ته پريس ڪانفرنس مان جن ماڻهن کي زبردستي پارٽي ڇڏڻ جو چيو ويو، انهن کي ڏٺو ويندو، پر انهن کي واپس نه آڻينداسين جيڪي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ٻي پارٽي ۾ ويا.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته علي زيدي ان وقت پي ٽي آءِ جي باني جي ڏنل فارمولي تي پورو نٿو لهي، علي زيدي آءِ پي پي ۾ ويو هو ۽ هو ان ڪيٽيگري ۾ نٿو اچي. وليد اقبال جو اهو به چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهن کي پلاند چيو پيو وڃي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان جو گرينڊ الائنس ٺهي ويو آهي، پرامن احتجاج جو سلسلو بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي مان شروع ٿيندو، ان معاملي ۾ مولانا فضل الرحمان به اسان جو آهي، 8 ۽ 9 فيبروري جو پرامن احتجاج ڦرلٽ خلاف هوندو.  وليد اقبال چيو ته باني پي ٽي آءِ کي ڪنهن به قسم جي اين آر او جي ضرورت ناهي، پي ٽي آءِ جي باني خلاف سمورا ڪيس جعلي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.