سکر(رپورٽر)گذريل ڏينهن سکر جي پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خورشيد شاهه اڍائي سالن کان اغوا معصوم پريا ڪماري جي اغوا بابت صحافي جي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اڍائي سالن کان پوءِ پريا ڪماري اوهان کي ياد ڇو آئي آهي؟ ان کان علاوه خورشيد شاهه صحافين کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون. سوال پڇڻ جي ڏوهه ۾ صحافين کي ڌمڪيونڏيڻ وارو خورشيد شاهه جو انتهائي شرمناڪ عمل آهي. اهڙي عمل جي جيڪا به مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. پريا ڪماري بابت خورشيد شاھ جو بيان پريا ڪماري جي مجبور ۽ دانهون ڪندڙ ماءُ ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ ۾ جدوجهد ڪندڙن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ آهي. خورشيد شاهه کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ گذريل اڍائي سالن کان سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، پر اقتدار جي انڌي گهوڙي تي سوار اوهان ۽ اوهان جي سنڌ حڪومت کي سنڌ جي جدوجهد نظر نٿي اچي، اوهان اقتدار جي نشي ۾ انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ٿي چڪا آهيو، اوهان کي سنڌ جي مجبور مائرن، معصوم نياڻين، پيئرن جون دانهون، ڪوڪون ۽ آهون نظر نٿيون اچن. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ آصف کوسو، سرواڻ جتوئي، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ مصطفئ چانڊيو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر نويد عباس ڪلهوڙو، محبوب "رڪ” راهوجو، ذوالفقار ميراڻي ۽ ٻين اڳواڻن سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف نيشنل پريس ڪلب سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. اڳواڻن چيو ته خورشيد شاهه کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ گذريل 16 سالن کان مسلسل پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي. انھن 16 سالن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي زمينن جي نيلامي ڪئي، ڊجيٽل آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ويو، سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙن ۾ پيپلز پارٽي پنجاب جي حڪمرانن جي ساٿاري بڻيل آهي. هن وقت به ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم وسيلي سنڌ جي حصي جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙي جي سازش ڪئي پئي وڃي. ملڪ جو صدر پيپلز جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري آهي، کيس اختيار هجڻ باوجود هو سنڌ دشمن ارسا ايڪٽ کي رد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پيپلز پارٽي جو مسلسل سنڌ ۾ هي چوٿون دور حڪومت آهي. ان سموري عرصي ۾ سنڌ اندر لاقانونيت، ظلم، بربريت ،ڏاڍ، جبر ۽ ناانصافين جي هڪ ڊگھي تاريخ آهي. پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ هن وقت سموري سنڌ لاقانونيت، بربريت، چورن ،ڌاڙيلن ۽ ڦورئن حوالي آهي. صرف ڪراچي شھر ۾ هن سال جي ٻن ٽن مهينن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻھو چورن ۽ ڦورن هٿان مزاحمت ڪندي قتل ڪيا ويا آهن. اتر سنڌ جي درياه جي ڪچي وارا علائقا ڌاڙيلن جي آماجگاہ بڻيل آهن. سموري حڪومتي مشينري، پوليس، رينجرس، حساس ادارا ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيلن آڏو بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن. ڌاڙيلن سنڌ ۾ رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آهي. نومبر 2023ع جي هڪ رپورٽ موجب ان وقت جي سنڌ جي نگران وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي آءِ جي پوليس رفعت مختار وڏي وزير کي سنڌ صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2023ع ۾ 1660 ماڻهن کي قتل ڪيو آهي ۽ 232 اغوا ٿيا آهن. گذريل سال 2023ع ۾ حڪومت طرفان سنڌ ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ پوليس کي 2 ارب 80 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا. سال 2023-24 بجيٽ ۾ سنڌ ۾ امن امان لاءِ 160 ارب رپيا رکيا ويا. عملي طور سنڌ ۾ امن امان جي جيڪا صورتحال آهي اها هي آهي ته سنڌ ۾ سال 2023 ع جي پهرين جنوري کان 15 ڊسمبر تائين واري عرصي دوران 1785 ڄڻا قتل ٿيا، 3948 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو. زنا جا 369 ۽ اجتماعي زيادتي جا 29، بدفعلي جا 256 ۽ ڪاروڪاري جا 145 ڪيس رپورٽ ٿيا.هن وقت به 52 کان وڌيڪ معصوم بيگناه ماڻهو ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻايا ويا آهن.مارچ مهيني ۾ استاد ﷲ رکيو نندواڻي کي ڌاڙيلن قتل ڪري ڇڏيو. سال 2023 ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي پروفيسر اجمل ساوند کي ڌاڙيلن بيگناه قتل ڪيو. سکر شهر ۾ صحافي جان محمد مهر کي ڌاڙيلن ڏينهن ڏٺي بي دردي سان قتل ڪيو، گذريل هڪ هفتي ۾ ڪنڌ ڪوٽ جي محمد سليمان سندراڻي، اسد الله سندراڻي، محمد اسماعيل ڏاهاڻي کي قتل ڪيو ويو آهي. سمورن قتل ڪيل بي گناھ ماڻهن جا قاتل گرفتار نٿا ڪيا وڃن. اڍائي سالن کان معصوم پريا ڪماري اغوا آهي پر تازو جڏهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه کان پريا ڪماري بابت سوال پڇيو ويو ته صاحب ڪاوڙجي پيو،هنن چيو ته اڄ سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي سموري قيادت کان اهو سوال پڇڻ جو حق رکي ٿو ته پيپلز پارٽي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ هينئر تائين ڪو قدم ڇو نه کنيو آهي؟ پريا ڪماري جي اغوا جي سوال تي ڪاوڙ ڪندڙ صاحبن کان سنڌ جو عوام اهو سوال پڇڻ جو حق رکي ٿو ته 16 سال مسلسل سنڌ ۾ حڪمراني باوجود هينئر تائين ڇو سنڌ ڌاڙيلن حوالي آهي؟ ڇا ڌاڙيلن جي سرپرستي ۾ سنڌ جا سردار، پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ملوث ناهن؟ پيپلز پارٽي جي حڪمرانن کان سنڌ جو عوام پڇي ٿو ته افغانستان ۾ نيٽو جا ڇڏيل جديد هٿيار سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ ڪير پهچائي ٿو ۽ ڌاڙيلن کي جديد هٿيار هلائڻ جي ٽريننگ ڪير ٿو ڏي؟ سنڌ پوليس ڇو اربين روپين جي بجيٽ باوجود ڌاڙيلن جي خاتمي ۾ ناڪام وئي آهي؟ سنڌ پوليس ڌاڙيلن جي سرپرست سردارن کي تمغا ڪهڙي خدمت عيوض ڏنا؟ ڇا سنڌ حڪومت، سنڌ جي وڏي وزير ڌاڙيلن جي سهولت ڪاري ڪندڙ ايس ايس پيز خلاف ڪو قدم کنيو آهي؟ سنڌ جو گھرو وزير ضيا لنجار صاحب چوي ٿو ته اغوا وغيره زندگي جو ڪاروبار آهي ٿيندو رهندو. سنڌ جو عوام گهرو وزير کان پڇي ٿو ته ڇا کيس ان لاءِ عهدي تي ويهاريو ويو آهي جو هو اهڙا بيان ڏي؟هنن چيو ته عوامي تحريڪ تحريڪ، سنڌ جو عوام اهو سمجهي ٿو ته جيڪي حڪمران عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ نٿا ڪري سگهن آهي اهي استعفائون ڏئي گهر ڀيڙا ٿين. عوامي تحريڪ چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿي ڪري ته هو سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف پاڻ مرادو نوٽس وٺي، معصوم پريا ڪماري سميت سڀني مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي. ڌاڙيلن هٿان قتل ڪيل بي گناهه ماڻهن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن کان نجات ڏياري وڃي.