”ڌاڙيلن جا سرپرست وائکا ڪريو“ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران امن قائم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽ:ماريا اسماعيل) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ  ٻين آفيسرن الڳ الڳ بريفنگ ڏني ۽ رپورٽون پيش ڪيون، جلاس ۾ قانون ۽ انصاف کاتي جو وفاقي سيڪريٽري، صوبائي گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، آءِ جي جيل قاضي نظير احمد، ڊي جي رينجرز ميجر جرنل اظهر وقاص ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ڊي آءِجي سکر عبدالمحيد کوسو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي گهوٽگي سمير نور چنا، ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ بشير بروهي، ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون  ۽ ٻيا به شريڪ هئا. اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر، ڪراچي، سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، ڪنڌ ڪوٽ بار ايسوسي ايشن جي اڳواڻن ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار شريڪ هئا. اجلاس ۾ گهوٽڪي ، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ، شڪارپور جي ڪچي جي علائقن ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ آپريشن بابت غور ويچار ڪيو ويو، چيف جسٽس  آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي صوبي ۾ هلندڙ ڏوهن کي هڪ مهيني اندر ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،چيف جسٽس هدايت جاري ڪئي ته ڪو ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي رعايت نه ڪئي وڃي،امن امان خراب ڪرڻ وارن کي انجام تائين پهچايو وڃي، چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته موٽر ويز، هاءِ ويز وارن شهرن ۾ گشت وڌايو وڃي، اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ پوليس جو تعداد پڻ وڌايو وڃي،آءِ جي سنڌ چيو ته اسان وٽ 45 هزارن جي فورس آهي جنهن مان 10 هزار اهلڪار مختلف شخصيتن جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر آهن. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ  امن امان جي صورتحال تي سنڌ جي قانون واري وزير جي راءِ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،هن چيو ته قانون واري وزير جون ڳالهيون ٻڌي افسوس ٿيو، جيڪڏهن امن امان بابت اهڙي راءِ آهي ته ڪهڙو ايڪشن وٺندو؟هتي ويٺل وڪيلن جا نمائندا منهنجي خدشن کان قانون واري وزير ضياءَ لنجار کي آگاهه ڪن، چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ وڌندڙ واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ته صوبي ۾ بدامني آهي، ماڻهن کي ڇو اغوا ڪيو پيو وڃي، شهرين جي اغوا ۾ ڪير ملوث آهن ٻڌايو وڃي.ان موقعي تي ڊي جي رينجرز اختيارن جو معاملو اٿاريندي چيو ته ڪراچي کانسواءِ باقي صوبي ۾ پوليس جا اختيار ناهن، جنهن کانسواءِ موثر ڪارروائي ممڪن نه ٿي سگهندي. جنهن تي چيف جسٽس ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن تي ضابطو آڻڻ جي هدايت ڪئي.چيف جسٽس عقيل عباسي چيو ته ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙن جا نالا به سامهون اچڻ گهرجن.پوليس ۽ رينجرز ڪچي ۾ فوري ڪارروائي ڪري.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿوري عرصي اندر هڪ ضلعي ۾ 9 ايس ايس پيز جي بدلي ڪرڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.اجلاس ٽي ڪلاڪ جاري رهيو،اجلاس کانپوءِ  آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته اجلاس ۾ ٽي ايجنڊا هئا، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم، سيف سٽي ۽ ڪچي  جي ڌاڙيلن  وارو مسئلو،چيف جسٽس اسان جي بريفنگ ٻڌي ۽ هدايتون ڏنيون،عدالتي حڪمن تي عملدرآمد بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي،ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم روڪڻ لاءِ گشت وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي،هن چيو ته ڪرمنل سسٽم ۾ ڪيتريون ئي شيون بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پوليس يقيني بڻائيندي ته ڪوڙا ڪيس نه ٺهن، اجلاس کان پوءِ پراونشل جسٽس ڪميٽي جي ميمبر ريحان عزيز ملڪ امن امان بابت ٿيل اجلاس بابت ميڊيا سان ڳالھ ٻولهه ڪئي. ريحان عزيز ملڪ ٻڌايو ڌاڙيل ماڻهو اغوا ڪري انهن کي ڪچي ۾ وٺي وڃن ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان جو موقف هو ته پوليس جي سرپرستي کان سوا ائين ڪچي جا ڌاڙيل سرعام ڪارروايون نٿا ڪري سگهن. ريحان عزيز ملڪ ٻڌايو ته ڊي جي رينجرس اجلاس ۾ چيو ته رينجرس کي اختيار ڏنا ويندا ته ان مطابق امن امان لاءِ ضرور ڪم ڪبو. چيف جسٽس ھاءِ ويز ۽ شھرن جي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ ڪچي وارن علائقن ۾ پڪٽون ۽ پيٽرولنگ وڌائڻ جو حڪم ڏنو آھي، چيف جسٽس گھوٽڪي، ڪشمور، سکر ۽ ڪشمور سميت مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جون به ھدايتون ڏنيون آھن، هن ٻڌايو ته ڊي جي رينجرز چيو ته رينجرز وٽ جيڪي اختيار آھن اھي رڳو ڪراچي ۾ آھن باقي صوبي ۾ ناھن، رينجرز وٽ حراست ۾ رکڻ ۽ جاچ جا خصوصي اختيار ناھن. جنهن تي چيف جسٽس آءِ جي کي مخاطب ٿيندي چيو ته آءِ جي صاحب ڇا پيا ڪريو ماڻهو مرن پيا، جواب ۾ آءِ جي وراڻيو ته ميڊيا گهڻي هائپ  ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته ايئن ته ناهي جو ڪجه به نه پيو ٿئي، ميڊيا غلط رپورٽ پئي ڪري ته  ڏھ نه ته چار واقعا ته ٿي رهيا آهن. ايس ايس پي ٻن ٻن مهينن ۾ ڇو هٽايا ٿا وڃن؟ آفيسرن کي پوسٽنگ جي مدت ڇو پوري نٿي ڪرڻ ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ جو حڪم موجود آهي ڇا اوهان مٿان سياسي دٻاءُ آهي، چيف جسٽس آجي سنڌ  کان گهرو وزير جي بيان بابت به پڇا ڪئي جنهن تي آئي جي چيو ته آئون گهرو وزير سان پريس ڪانفرنس ۾ نه هئس، چيف جسٽس چيو ته لکت ۾ حڪم جاري ڪنداسون، جن ماڻهن خلاف ايف آءِ آرز داخل آهن انهن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. جيڪي ماڻهو چوري جا موبائل فون خريدڪري رهيا آهن چوري جون موٽر سائيڪلون خريد رهيا آهن هاءِ ڪورٽ بار انهن خلاف ڪاروائي لاءِ تجويزون ڏنيون سندن چوڻ هو ته کانئس به ٻه موبائل فون ڦر جا واقعا ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.