چڪ /لکي غلام شاهه (نمائندن وٽان ) چڪ ڀرسان هٿياربند ڪچي واسي 2 نوجوانن کي اغوا ڪري ويا.واقعي بعد ڳوٺاڻا هٿيار کڻي نڪري آيا. ڀيرا کڻي هٿياربندن جي پويان ويل. مغوي بازياب نه ٿي سگهيا.چڪ ڀرسان قاضي بچل ڀيو ٿاڻي جي حد ۾ چڪ شهر کان ڳوٺ ڳوٺ عبدالواحد موٽاڻي مهر ويندڙ 2 نوجوان فريد مهر ۽ عامر مهر کي هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا آهن ان سلسلي ۾ وارثن موجب ٽريڪٽر لاء ڊيزل وٺڻ لاء ٻئي نوجوان چڪ شھر آيل هئا جيڪي گهر واپس ناهن موٽيا مسلسل ڳولها ۽ رابطو ڪرڻ باوجود ٻنهي نوجوانن جا نمبر بند ٿي ويا آهن سندن چوڻ هو ته پوليس کي اطلاع ڏنو آهي ۽ نوجوانن جي ڳولها لاء پاڻ نڪري پيرا کنيا آهن پر نوجوانن جو ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو آهي ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرائي ڏي.