امن امان جي خراب صورتحال،آءِ جي سنڌ سکر پهتو

سکر(رپورٽر) سنڌ اندر امن امان جي خراب صورتحال تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٽن ڏينھن جي دوري تي سکر  پهتو آھي، سکر ۾ رات گذارڻ بعد آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪنڌڪوٽ،ل اڙڪاڻو،  ڊويزن ۾ دورو ڪري اتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، اجلاس پوليس آفيسرن جو ھوندو  جنھن ۾ ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ چيز به شامل ھوندا ان اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ کي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جي ڌاڙيلن متعلق آپريشن لاءِ بريفنگ ڏيندا، ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ جنھن بعد گھوٽڪي ضلعي ۾ به ڊي آءِ جيز ايس ايس پيز جو آءِ جي سنڌ سان ٽن ضلعن جي آفيسرن جو اجلاس ٿيندو جنھن ۾ سي ٽي ڊي اسپيشل برانچ ۽ سيڪيورٽي اداري جا آفيسر شامل ھوندا آءِ جي سنڌ پريا ڪماري جي جي آءِ ٽي ٽيم سان به ملاقات ڪندو

  • فوج ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آپريشن ڪري:محمد احمد شمسي

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي ۽ اندرون سنڌ ۾ امن امان جي بدترين صورتحال آهي ته لاوا ڦاٽي پيو آهي ، گهرو وزير جا غير ذميواراڻو ۽ اشتعال انگيز بيان عوام جي زخمن تي  لوڻ برابر آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال گذريل ڪيترن ئي سالن کان خراب آهي، حڪومتي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي، پوليس اهلڪار سياسي دٻاءُ ، ڪرپشن ، نااهلي کليل نموني سامهون آيو آهي، هن چيو ته پوليس ۾ ڌاڙيلن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي ، پوليس وارا ڪڏهن وردي ۾ ته ڪڏهن سول ڪپڙن ۾ ڌاڙا ۽ ڦرون ڪندي نظر اچن ٿا، هن چيو جنهن جو ثبوت ڪجهه مهينا اڳ 17هين گريڊ جي هڪ ڊي ايس پي جو آهي جنهن کي سڳ سوڌو گرفتار ڪيو ويو ۽ ايس ايس پي کي سهولتڪاري جي الزام هيٺ معطل ڪيو ويو ، هي واقعو پوري سسٽم جي تباهي جو کليل اعلان آهي. هن چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران شهر ۾ 50 کان وڌيڪ شهرين کي ڦر مزاحمت تي قتل ڪيو ويو آهي، سندس چوڻ هو ته شهر ۾ ڪاروبار جي خراب صورتحال جو ڪارڻ خراب حڪومتي پاليسي ، مهانگائي، بجلي ، گئس ۽ تيل اگهن ۾ واڌ آهي، هن چيو ته سنڌ جي گهرو وزير کي پنهنجي غير ذميوار بيان ڏيڻ تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ،  هن چيو ته جيڪڏهن استعيفيٰ نٿو ڏئي ته هٽائي ڪري ڪنهن هوشيار فوج يا پوليس آفيسر جي حوالي ڪرڻ گهرجي، سيڪيورٽي ادارا ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ڏوهارين خلاف ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ آپريشن ڪري ڏوهن تي ضابطو آڻي شهرين کي امن بحال ڪرائي ڏي.

  • ڪراچي ۾ چور ۽ سپاهي ٻنهي جو تعلق شهر سان ناهي: خالد مقبول

ڪراچي(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي ۾ چور ۽ سپاهي ٻنهي جو تعلق شهر سان ناهي.ڪراچي  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڏوهن جي روڪٿام لاءِ پوليس اهلڪارن جو تعلق هن شهر سان ناهي، هو ان کي پنهنجي ذميواري نٿا سمجهن.خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي ۾ پوسٽنگ کي بينڪ بيلنس وڌائڻ جو موقعو سمجهيو پيو وڃي، هن رمضان المبارڪ ۾ 50 جي لڳ ڀڳ نوجوان ڦورن هٿان مارجي ويا آهن، جن ۾ سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ هئا، پر امن قائم ڪرڻ وارا ماڻهو هن شهر جا ناهن.هن چيو ته اسان بار بار اهو سوال ڪريون ٿا ته جڏهن پشاور ۾ پشاور پوليس، لاهور ۾ لاهور پوليس ۽ لاڙڪاڻي ۾ لاڙڪاڻي جي پوليس آهي ته پوءِ ڪراچي ۾ ٻئي ڪٿي جي  پوليس ڇو آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.