ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ چوري جو معاملو نيب پهچي ويو آهي، نيب عملدارن ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ۾ اربين روپين جي ڪڻڪ چوري جو معاملو نيب وٽ پهچي ويو آهي، نيب اختيارين سنڌ ۾ ڪڻڪ چوري جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب ڪراچي ريجن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو،
نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 2015 کان 2020 تائين ملير جي گودام ۾ ڪيتري ڪڻڪ پهتي، ان جو تفصيلي رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، نيب ڳڙهي جي انچارج کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. خيرو ڪڻڪ خريداري سينٽر نادر علي مگسي ۽ ٻيا عملدار جاچ ڪري رهيا آهن، 5 اپريل تائين تفصيل فراهم ڪن.