سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري هارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ عبدالله ٻپڙ پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته وفاق سنڌ جي پاڻي تي زبردستي ڌاڙا ھڻندو، سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري نقصان رسائيندو رھيو آھي، سنڌ ۾ آڳاٽي خريف جا فصل پوکڻ شروع ڪيا ويا آھن ان وقت پاڻي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي، ارسا سنڌ دشمن 1991ع واري پاڻي ٺاھ تحت به سنڌ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري هارين ۽ آبادگارن جو معاشي جو قتلام ڪيو پيو وڃي. وفاقي سرڪار سنڌ جي پاڻي تي زبردستي  ڌاڙن لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم منظور ڪئي آهي، هنن چيو ته خبرن موجب سکر بئراج کي 1991ع جي پاڻي ٺاھ تحت خريف لاءِ اپريل ۾ طئي ٿيل 34 هزار ڪيوسڪ پاڻي بدران فقط 18 هزار ڏنو ويو. پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب سنڌ ۾ فصلن کي شديد نقصان پهچندو، سنڌ جي غريب مسڪين هارين جي روزگار جو ذريعو پاڻي تي آهي، پاڻي سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. سنڌ سان پاڻي ورڇ ۾ سدائين ٻه اکيائي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.