پنجاب پوليس جو ٻار سان زيادتي ڪوشش ۾ ملوث مولوي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

لاهور(م ڊ)فيصل آباد ۾ 12 سالن جي کٿابي سان زيادتي جي ڪوشش ۾ ملوث مدرسي جي مهتمم ابوبڪر معاويه جي عالمن جي مداخلت کان پوءِ آزادي تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿيڻ بعد پنجاب پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته تاندليانوالا ۾ ٻارڙي سان زيادتي جي ڪوشش واري ڪيس ۾ متوازي عدليه ۽ غير قانوني پنچائت جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو.ان سلسلي ۾ آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور اڄ معصوم ٻار ۽ سندس والد سان ملاقات ڪئي ۽ رياست طرفان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.پنجاب پوليس موجب ان ڪيس جي حوالي سان پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب سيد فرهاد علي شاهه سان مڪمل مشاورت ڪئي وئي آهي ۽ سندس سفارشن تحت پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ جوابدارجي بريت کي چئلينج ڪندو ،نيشنل ڪميشن آف چائلڊ رائيٽس جي چيئرپرسن  عائشه رضا فاروق ڪيس جي حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ Esq تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”پنچائت ۾ ملوث ماڻهن تي ان ڪڌي ڏوهه جي ذميوار طور ڪيس هلايو وڃي،متوازي عدليه ۽ غيرقانوني پنچائتن جي باري ۾ قانون گهڻو واضح آهي،قاري ابوبڪر معاويه کي بچائڻ لاءِ اهلحديث جو عالم ابتسام الاهي ظهير ميدان  ۾ آيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.