سنڌ هاءِ ڪورٽ غلام مرتضيٰ جتوئي کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي  جي گهر ۾ پوليس جي ڪارروائي ۽ حراسان ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پوليس کي غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ گهروارن کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سائوٿ ۽ ايس ايس پي سائوٿ کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ کان به روڪيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواستگذار جي گهرن تي پوليس ڇاپو هنيو، چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي، ڪوڙا ڪيس ٺاهي حراسان ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.