ڪراچي (رپورٽر) پريا ڪماري جي بازيابي سنڌ جي شعور ۽ ضمير جو امتحان ۽ رياست ۽ ادارن لاءِ چئلينج بڻجي چڪو آھي، ٽن سالن ۾ حڪومت ۽ انهن جا ڪارندا جهڙي طرح ڪن لاٽار ڪندا رهيا آھن ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي انصاف ڏيڻ بدران غريب عوام کي تنگ ڪرڻ جو ذريعو آھن، اهڙو اظھار ورڪرز سوليڊرٽي فيڊريشن ۽ پپري سوشل فورم جي ساٿين ڪامريڊ امداد لاشاري، گل محمد منگي، قلندر بخش ملاح ۽ ٻين گذريل ڏينهن ملير پريس ڪلب آڏو پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪيل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي ڪامريڊ گل ناز منگي، ڪامريڊ رشيد تاج، ڪامران لاشاري به موجود هئا، جڏهن ته معصوم ٻارڙن به مظاهري ۾ شرڪت ڪئي ۽ ´ڇڏ تنازعو او سنگراري،ڪر آزاد پريا ڪماري` جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا، ان موقعي تي ڪامريڊ امداد لاشاري پنهنجو مشھور نظم ´انقلاب زنده آباد` ترنم سان ڳائي مظاهرين ۾ جوش جاڳائي ڇڏيو، پنهنجي خطاب ۾ ورڪرز سوليڊرٽي فيڊريشن جي سرگرم انارڪسٽ گل محمد منگي چيو ته پرياڪماري کي جيڪڏهن بازياب نه ڪيو ويو ته پوءِ 9- محرم تي پرياڪماري جي بازيابي لاء سڄي سنڌ ۾ ماتمي جلوس ڪڍي احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته جڏهن پوليس آفيسرن ۽ ايجنسين کي پرياڪماري کي اغوا ڪرڻ وارن جي سڄي خبر آھي ته پوءِ نياڻي کي بازياب ڪرائي بااثرن کي گرفتار ڪرڻ کان ڇو ٿا ڪيٻائين، هنن فضيلا سرڪي کي پڻ بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو،