آخر دانيال ظفر ۽ ماورا جي وچ ۾ ڇا پيو هلي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور ڳائڻي ۽ اداڪار دانيا ظفر اداڪارا ماورا حسين سان لڪيل لفظن ۾ محبت جو اظهار ڪيو آهي، جنهن بعد مداحن جي وڏي انگ اداڪار امير گيلاني سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته ڪجهه مداح مونجهاري جو شڪار آهن.

فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي دانيال ظفر ساٿي اداڪارا ماورا حسين سان گڏ ڪجهه خوبصورت رومانوي تصويرون ونڊ ڪيون آهن جڏهن ته تصويرون ڪاري ۽ اڇي رنگ ۾ آهن پر انهن تصويرن ۾ ٻنهي کي مرڪيندي ڏسي سگهجي ٿو. تصيرن ۾ ٻئي شخصيتون سمنڊ ڪناري رومانوي انداز ۾ موجود آهن ۽ جوڙو به حسين پيو نظر اچي.

پوسٽ جي ڪيپشن ۾ دانيا ظفر ماورا جو نالو لکڻ کانسواءِ لکيو آهي ته “جيئن مان چوان مونکي توسان پيار ٿيو؟“ . هڪ پاسي سمنڊ ڪناري ٻنهي اداڪارن جي رومانوي انداز ۾ تصوير تي مداحن دلچسپ تبصرا ڪيا آهن.

هڪ پاسي اهي سوشل ميڊيا واهپيدار جيڪي اداڪارا امير گيلاني ۽ ماورا حسين جا مداح آهن انهن ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

واضح رهي ته دانيال ظفر مهارت سان ڪيپشن ۾ ”ايل ٽي ايم“ جو هيش ٽيگ ڏئي اشارو ڏنو آهي ته اها تصوير حقيقي نه پر هڪ نئين پراجيڪٽ جي شوٽ جي سين جي آهي.

ڏسندڙ جلد ماورا حسين ۽ دانيال ظفر کي هڪ نئين پراجيڪٽ ”ليٽس ٽراءِ محبت“ ۾ ڏسندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.