دل جي دوري کان اڳ 10 خاموش علامتون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دل جو دورو پوڻ کان اڳ ماهرن ڪجهه اهڙيون نشانيون يا علامتون ڏٺيون آهن جيڪي ان ڳالهه جو انديشو آهن ته دل جي دوري پوڻ جو امڪان آهي.

جيڪڏهن اوهان کي ٿڪاوٽ گهڻي محسوس ٿئي ۽ ٿورڙي ڪم تي به ٿڪجي پئو ٿا ته اها دل جي دوري جي علامت ٿي سگهي ٿي.

پيٽ ۾ سور، گيس ڀرجي وڃڻ بدهاضمي جي شڪايت ٿي سگهي ٿي.

رات جو ننڊ ناهي ايندي، بيچيني ۽ ساهه ٻوساٽجندو محسوس ٿيندو آهي.

ٿورڙو هلڻ تي سهڪو ٿيندو آهي ۽ هٿ پير بي جان لڳندا آهن.

ڦڻي ڏيڻ تي وار ڇڻندا آهن ۽ وهاڻي تان مٿو هٽائڻ تي ڇڻيل وار پيا هوندا آهن.

ويٺي ويٺي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي آهي يا وري گهٽجي ويندي آهي.

بلڊ پريشر سڄو ڏينهن مختلف رهندو آهي، ڪڏهن تيز، ڪڏهن گهٽجي ويندو آهي.

هارٽ اٽيڪ جي مريضن کي ساهه جي ڏکيائي سبب کنگهه ٿيندي آهي.

پيشاب گهٽ اچڻ به اهڙي علامت ٿي سگهي ٿي.

جيڪڏهن اوهان به اهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيو ته ڊاڪٽرن سان رابطو ڪري علاج ڪرائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.