عيد جي موڪلن جي خبرن تي گهرو وزارت جو اهم بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت عيدالفطر جي موڪلن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
گهرو وزارت موجب عيد جي موڪلن جي حوالي سان اختيارين اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو.
واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي هڪ جعلي نوٽيفڪيشن سامهون آيو هو ته عيد جي موقعي تي 9 کان 12 اپريل تائين موڪلون هونديون.
گهرو وزارت جي ترجمان واضح ڪيو ته انٽرنيٽ تي گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن جعلي آهي، عيد جي موڪلن بابت جيڪو به فيصلو ڪيو ويندو ته ان جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.