هاڪي رانديگرن کي رهيل پگهارون ڏيڻ ۽ سمورا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر طارق بگٽي رانديگرن کي رهتن جي ادائيگي ۽ ٻين مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
لاهور ۾ طارق بگٽي سان قومي هاڪي جي سينيئر ۽ جونيئر ٽيمن جي ڪپتانن ملاقات ڪئي.
نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ عماد شڪيل بٽ ۽ حنان شاهد سان ٿيل ملاقات ۾ رانديگرن جي مسئلن ۽ ان جي حل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
طارق بگٽي رانديگرن کي رهتون ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ماضيءَ ۾ جيڪو ٿيو اِهو وساري ڇڏيو، رانديگرن کي ڀرپور سپورٽ ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هاڪي جي وڃايل ساک بحال ڪرڻي آهي، ڀرپور جذبي سان ميدان ۾ لهو، پي ايڇ ايف رانديگرن سان گڏ بيٺل آهي، سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.