ڇا عيد تي ڪراچي ۾ مينهن وسندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 4 کان 5 اپريل تائين موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگار موجب شهر ۾ پارو 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگار ٻڌايو ته ڪراچي جو فضائي معيار به هاڃيڪار رهي سگهي ٿو، موسم جي صورتحال سبب حساس ماڻهن کي ڳلي ۽ اک ۾ تڪليف جي شڪايت ٿي سگهي ٿي.
موسمياتي تجزئي نگار موجب ايندڙ 5 کان 7 ڏينهن دوران هيٽ ويو جو امڪان ناهي، جڏهن ته 12 کان 14 اپريل دوران اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ به برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.