شوال جي چنڊ بابت موسميات کاتي جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 9 اپريل تي شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا.
موسميات کاتي عيدالفطر جي چنڊ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته نئين چنڊ جي پيدائش 8 اپريل تي رات 11 لڳي 21 منٽن تي ٿيندي ۽ 9 اپريل تي چنڊ نظر اچڻ جا امڪان آهن.
موسميات کاتي موجب 9 مئي تي ملڪ جي وڏي حصي ۾ آسمان صاف رهڻ جو امڪان آهي، اتر علائقن ۾ موسم جهڙالي ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 9 اپريل تي چنڊ جي عمر 19 کان 20 ڪلاڪ ٿي ويندي ۽ سج لٿي کانپوءِ چنڊ نظر اچڻ جو دورانيو 50 منٽن کان وڌيڪ هوندو.
واضح رهي ته مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد امڪان ڏيکاري چڪو آهي ته عيدالفطر اربع 10 اپريل تي ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.