اڳوڻي صدر عارف علوي، عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر عارف علوي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عارف علوي چيو منهنجي درخواست آهي ته مينڊيٽ جو قدر ڪيو، ٻي درخواست آهي ته پي ٽي آءِ باني سان انصاف ڪيو ۽ کيس آزاد ڪيو.
هن چيو ته ظلم روڪڻ جي ذميواري اسان سڀني تي آهي، چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو پيو وڃي، منهنجي وڪيلن کي درخواست آهي ته جدوجهد ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ حادثاتي اعتبار سان جمهوريت آئي آهي، پاڪستان جو آئين مون لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.