پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جي 51 ڪيسن ۾ ضمانت منظور

پشاور ( ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر کي 51 ڪيسن ۾ راهداري ضمانت ڏئي ڇڏي آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ابراهيم خان پي ٽي آءِ اڳواڻ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران حماد اظهر جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد سميت ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ ڪيس داخل آهن، جنهن ۾ ضمانت ڏني وڃي، 40 ڏينهن ۾ لاڳاپيل عدالتن سان رابطو ڪنداسين.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواستون منظور ڪندي 51 ڪيسن ۾ حماد اظهر کي راهداري ضمانت ڏئي ڇڏي.
عدالت حماد اظهر کي هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي کيس هڪ مهيني اندر لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.