چيني انجينئرن تي حملي جي رٿابندي ڪنهن ۽ ڪٿي ڪئي؟ رپورٽ سامهون اچي وئي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) سي ٽي ڊي ۽ پوليس بشام آپهاتي حملي ڌماڪي جي رپورٽ جوائنٽ ڪميٽي کي پيش ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آپگهاتي ڌماڪي جي رٿابندي افغانستان ۾ ڪئي وئي.
ذريعن موجب، واقعي واري هنڌ تان سمورا ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز به حاصل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ثبوتن جي بنياد تي اهم گرفتاريون ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قافلي سان جميرز فعال هئا يا نه، ان حوالي سان جاچ جاري آهي جڏهن ته پرڏيهي شهرين تي حملي جي ٿريٽ بابت به تفصيل ورتا پيا وڃن، جڏهن ته گرفتار دهشتگردن جي بيانن تي ٻڌل رپورٽ پڻ پيش ڪئي ويندي.
ياد رهي ته بشام گاڏي تي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ پنج چيني انجينيئرن سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا هئا جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي جوائنٽ ڪميٽي جوڙي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.