”گهڻو وقت اڳ ئي چيو هو ته ن مان ش ليگ نڪرندي“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مان گهڻو وقت اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته شهباز شريف جي سياست هلندي نواز شريف جي نه.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 9 مئي جي ٽن ڪيسن جون ٽي ٽي ڪاپيون اسان کي فراهم ڪيون ويون آهن، اسان جي خلاف 9 مئي جا 17 ڪيس هلي رهيا آهن، 11 ڪيس دهشتگردي عدالت ۾ آهن، اتي ايندڙ ٻڌڻي تي به پيش ٿينداسين.
هن چيو ته جنهن جو ڪم آهي انهن کي حڪومت هلائڻي آهي، اسان جي خاموشي رنگ لائيندي، اسان چاهيون ٿا ته غريب جو چُلهو ٻري، پاڪستان کي اڳتي وڌڻ گهرجي، ڇو ته غريب جي حالت تمام گهڻي خراب آهي.
سندس موجب مان تمام گهڻو اڳ چئي ڇڏيو هو ته ن مان ش نڪرندي، نواز شريف جي سياست جي جاءِ شهباز شريف ورتي آهي، گهڻو اڳ چيو هو ته نواز شريف جي نه شهباز شريف جي سياست هلندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.