ڪپل شو ۾ رنبير ۽ فيملي سان عاليا ڇو نه آئي؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا عاليا ڀٽ تازو نيٽ فلڪس تي نشر ٿيندڙ ڪپل شرما جي ڪاميڊي شو ۾ مڙس اداڪار رنبير ڪپور ۽ فيملي سان گڏ شريڪ نه ٿيڻ تي چوٻولن کي هوا ڏني آهي.

30 مارچ تي ڊگهي وقت کانپوءِ ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما جو ريب، نيٽ فلڪس تي پهريون شو آن ايئر ٿيو آهي. ان شو ۾ چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور، ان کانسواءِ سندس ماءُ نيتو ڪپور ۽ ڀيڻ رڌيما ڪپور سهاني شرڪت ڪئي آهي، ان ايپي سوڊ ۾ عاليا ڀٽ نظر آئي جنهن کانپوءِ ان فيملي ۾ جهيڙا ٿيڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب هاڻي ڪپل شرما جي نئين شو ”دي گريٽ انڊين ڪپل شرما شو“ جي ٽيم عاليا ڀٽ جي شريڪ نه ٿيڻ تي چوٻولن کانپوءِ سڌي ريت بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته عاليا ڀٽ مڙس رنبير ڪپور ۽ سندس فيملي سان پهرين قسط مان غائب هئي ڇاڪاڻ ته هن سان معاوضي تي ڊيل طي نه پئي ٿيئي.

ان بابت هڪ ميڊيا اداري جي رپورٽ موجب عاليا ڀٽ ادائيگي جا مسئلا حل ه ٿيڻ ۽ ڪجهه ذاتي مصروفيتن سبب ايپي سوڊ ۾ نه اچي سگهي.

واضح رهي ته ڪپل شرما شو ۾ فلمن جي مشهوري لاءِ ايندڙ اسٽار معاوضو پاڻ ڏيندا آهن جڏهن ته جن فنڪارن کي دعوت ڏني ويندي آهي انهن کي معاوضو ادا ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.