ضيا لنجار اغوا ٿيل پريا ڪماري جي زندهه هئڻ تي سوال اٿاري ڇڏيا!

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار پريا ڪماري جي زنده هئڻ تي سوال اٿاري ڇڏيا، ڪراچي ۾ سعيد غني سان گڏ پريس  ڪانفرنس دوران ضياءَ لنجار چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته پريا ڪماري زنده نه آهي،هن چيو ته الله ڪري ته پريا ڪماري زنده هجي، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي،ڪميٽي ۾ ايس ايس پي تنوير تنيو ۽ ايس ايس پي امجد شيخ شامل هوندا، پريا ڪماري جي معاملي جي جاچ ڪندڙ آفيسرز کان جاچ دوران ڪجهه جهول رهجي ويا،پريا ڪماري جي اغوا معاملي ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارينداسين، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جلد هڪ سخت آپريشن ڪري سنڌ ۾ امن قائم ڪري ڏيکارينداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.